عوام جو ساٿ نه ڏيندڙ واپارين خلاف مهم شروع ڪئي ويندي مهاجر رابطا ڪائونسل

مهاجر رابطا ڪائونسل چيو آهي ته ڪراچي جو درد نه رکندڙ ۽ ڏک جي گهڙي ۾ عوام جو ساٿ نه ڏيندڙ وڏن واپارين خلاف مهم شروع ڪئي ويندي.

هڪ بيان ۾ ايم آر سي چيو آهي ته سراج قاسم تيلي، ايس ايم منير، احمد چناءِ ۽ زاهد حسين جهڙا وڏا واپاري عوام جو درد محسوس نه ٿا ڪن.

هن چيو ته اهڙا واپاري هر دور ۾ حڪومتن ۾ رهيا ۽ پنهنجا مفاد ماڻيا پر شهر جي عوام سان ڏکي گهڙيءَ ۾ ساٿ نه ڏنو.

مهاجر رابطا ڪائونسل چيو ته انهن وڏن واپارين خلاف مهم جي شروعات ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*