خيرپور ۾ ڏونگراڻي برادري جي ماڻهن ۽ عورتن مبينا مغوي ناري جي بازيابيءَ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي ٺهڙي باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

khairpur-map10-8

خيرپور ۾ ڏونگراڻي برادري جي ماڻهن ۽ عورتن مبينا مغوي ناري جي بازيابيءَ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي ٺهڙي باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

 مظاهرين قومي شاهراهه تي رڪاوٽون رکي باهيون ڏئي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽريفڪ بند ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندي مبينا اغوا ٿيل ناري امبرين ڏونگراڻي جي وارثن والد ڌڻي بخش، امڙ مسمات حبيبان، ڀاءُ شوڪت ڏونگراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 19 ڏينهن اڳ امبرين ڏونگراڻي کي اغوا ڪيو ويو پر پوليس ڪيس ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته جلد ناري کي بازياب ڪرائي ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*