تخت رائيونڊ ۾ ويهي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهندڙ ن ليگ کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، صوبائي وزيرمنظور وساڻ چيو آهي ته اپريل جي هن مهيني ۾ وڏا وڏا فيصلا اچڻ وارا آهن

manzoor wasan

 تخت رائيونڊ ۾ ويهي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهندڙ ن ليگ کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، صوبائي وزيرمنظور وساڻ چيو آهي ته اپريل جي هن مهيني ۾ وڏا وڏا فيصلا اچڻ وارا آهن، پاڪستان جي سياست ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي.

جاري ڪيل بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته پنجاب ۾ 4 اپريل کانپوءِ پيپلزپارٽي جو نواز ليگ سان سياسي ميچ ٿيندو.

هن چيو ته هنن پاڻ تير جي رفتار گهٽ ڪئي آهي، جڏهن تير جي رفتار وڌائي ته شينهن ۽ لغڙ نظر نه ايندا.

صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن کي ڊيڄاري قبضا ڪيا، ميئر کي جيل ۾ دال ماني سٺي نه ملي، انڪري ٽپا پيو ڏئي.

منظور وساڻ چيو ته ايم ڪيو ايم لنڊن هجي يا پاڪستان ٻنهين وٽ روئڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي بچيو، 2018 جي اليڪشن کان اڳ مصطفيٰ ڪمال، ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ پاڪستان گڏجي ويندا.

صوبائي وزير چيو ته اختيارن جو ڊنڍورو رئڻ واري وسيم اختر کي چوان ٿو ته نواز ليگ سان گڏجي 4 اپريل تي شهيد ذالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي شربت ۽ بوتلون کپائن، گرمي به گهڻي آهي کين ڪمائي به سٺي ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*