بدين ڀرسان واڻائي شاخ ۽ سعيده مائينر ۾ ٻن مهينن کان مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارن قاضيه واهه جي انجنيئر خلاف ڌرڻو هڻي بدين-جھڏو روڊ بند ڪري ڇڏيو

Badin-28716

بدين ڀرسان واڻائي شاخ ۽ سعيده مائينر ۾ ٻن مهينن کان مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارن قاضيه واهه جي انجنيئر خلاف ڌرڻو هڻي بدين-جھڏو روڊ بند ڪري ڇڏيو.

آبادگارن پاران ڌرڻي سبب ٽن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي. آبادگارن اختر کوسو، مخدوم غفور ۽ عثمان ملاح ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٻن مهينن کان پاڻي نه ملڻ ڪري بيٺل فصل سڪي سڙي رهيا آهن.

هنن چيو ته هو واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان ٿي ويا  آهن، هنن الزام لڳائيندي چيو ته آبپاشي عملدار سندن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*