جوهي ويجهو ڳوٺ قادر بخش جُوساڻي جمالي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 15 ڀاتي بيهوش ٿي ويا

johi behosh

جوهي ويجهو ڳوٺ قادر بخش جُوساڻي جمالي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 15 ڀاتي بيهوش ٿي ويا.

ڳوٺ ۾ لابارو ڪندڙ ڪٽنب جي 15 ڀاتين کي زهريلو کاڌو کائڻ بعد الٽيون آيون جنهن بعد ڀاتي هڪٻئي پٺيان بيهوش ٿيندا ويا.

بيهوش ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا نوربانو، ايمڻان، شازو، شهباز، مينا، يار محمد، مبين، ٽيپو ۽ ٻيا شامل آهن جن کي فوري طور تي تعلقي اسپتال پهچايو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*