ايئرچيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته هر سربراهه ايئرفورس کي جديد بڻائڻ لاءِ محنت ڪئي آهي

air-marshal-sohil-amann07-9

ايئرچيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته هر سربراهه ايئرفورس کي جديد بڻائڻ لاءِ محنت ڪئي آهي، ايئرفورس کي ملڪ جو اهم جنگي اثاثو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ايئرچيف مارشل سهيل امان چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا نمبر 9 اسڪواڊرن تاريخ جو حصو آهن.

 سهيل امان چيو ته ايئر فورس جا سربراهه پنهنجي ڪمانڊرن جي نقش قدم تي هلندا رهيا آهن.

برطانوي ايئرچيف مارشل سر اسٽيفن جان چيو ته  پاڪ فضائيا جو بهتر مهارت سبب سڄي دنيا ۾ احترام آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*