ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان بند پيل بجلي بحال ٿي وئي

light

ڪراچي جي مختلف علائقن ملير ، گلستان جوهر، گلشن اقبال، لياري، هجرت ڪالوني، بهار ڪالوني  شانتي نگر ۽ ٻين علائقن ۾ رات کان بند پيل بجلي بحال ٿي وئي، شهرين کي پريشاني سان منهن ڏسڻو پئجي ويو، ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته فني خرابي سبب شهر جا ڪجهه فيڊر ٽرپ ٿيا آهن، بجلي جي بحالي جون ڪوششون جاري آهن .

ڪراچي جي مختلف علائقن ملير، گلشن اقبال، گلستان جوهر، شانتي نگر، يونيورسٽي روڊ، ڊالميا، هجرت ڪالوني ، لياري، بهار ڪالوني، منظور ڪالوني، محمود آباد ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي  اوچتو بند ٿي وئي .

رات ويل بجلي صبح تائين بحال نه ٿي سگهي آهي ، جنهن سبب شهر ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جيڪري  شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ هو ته گرمي سبب شهر جا ڪجهه فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن، بجلي جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد شهر جي سمورن فيڊرن جي بجلي بحال ڪئي ويندي …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*