شهري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ 6 کان 8 ڪلاڪ ڪري ڇڏي آهي عابد شير علي

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي دعويٰ ڪئي آهي ته گرمين کان اڳ 18 سئو ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي، رڳو بل ادا ڪندڙن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عابد شير علي چيو ته شهري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ 6 کان 8 ڪلاڪ ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته گرمين کان اڳ 15 سئو کان 1800 ميگا واٽ تائين بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي.

عابد شير علي چيو ته ايندڙ سياري تائين گئس جي کوٽ 80 سيڪڙو گهٽ ڪئي ويندي.

هن چيو ته بجلي ٽرانسميشن لائين جي مرمت جاري آهي، ايل اين جي اچڻ سان بجلي جي پيدوار ۾ واڌ ٿيندي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ايل اين جي ٽرمينل تيار ڪري ورتو آهي.

عابد شير علي چيو ته بجلي جو بل ادا نه ڪندڙن سان رعايت نه ڪئي ويندي، رڳو بل ادا ڪندڙن کي بجلي ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*