ميئر ڪراچي وسيم اختر ابن قاسم پارڪ بحريا ٽائون کي ڏيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

Waseem-Akhtar-23117

ميئر ڪراچي وسيم اختر ابن قاسم پارڪ بحريا ٽائون کي ڏيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ميئر ڪراچي چيو آهي ته ابن قاسم پارڪ ڪي ايم سي جي ملڪيت آهي سنڌ حڪومت جو فيصلو آئين ۽ قانون جي خلاف آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته سنڌ ۾ 2 آئي جيز هجڻ خراب حڪمراني جو مثال آهي، هن چيو ته هو  چاهين ٿا ته ابن قاسم پارڪ عوام لاءِ کليل رهي.

وسيم اختر پارڪ جي معاهدي بابت ڪي ايم سي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويوڪراچي ۾ ٻيون به اهڙيون جايون آهن جتي پارڪ ٺاهي سگهجن ٿا.

ميئر چيو ته باغ ابن قاسم بابت سنڌ حڪومت جو قدم غيرآئيني آهي جنهن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست ڏني آهي.

هن چيو ته صوبائي حڪومت کي ابن قاسم پارڪ بابت فيصلي جو اختيار ناهي ڇاڪاڻ ته پارڪ ڪي ايم سي جي ملڪيت آهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*