گرمين دوران هيٽ ويو کان بچاءَ لاءِ مهم هلائڻ جو فيصلوڪندي ڊي جي ميٽ ڊاڪٽر غلام رسول چيو آهي ته گرمين جي موسم وقت کان اڳ شروع ٿي رهي آهي

hot waether

گرمين دوران هيٽ ويو کان بچاءَ لاءِ مهم هلائڻ جو فيصلوڪندي ڊي جي ميٽ ڊاڪٽر غلام رسول چيو آهي ته گرمين جي موسم وقت کان اڳ شروع ٿي رهي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ هيٽ ويو جو به خدشو آهي

ڊي جي ميٽ غلام رسول چيو آهي ته ، مون سون جي شدت ۾ واڌ سبب گليشيئر به تيزءَ سان ڳري رهيا آهن ، ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي.

غلام رسول چيو آهي ته گرمين دوران هيٽ ويو کان بچاءَ لاءِ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب، شهيد بينظيرآباد ۾ گرمي پد 46، مٺي۽ پڊ عيدن ۾ 45 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، رحيم يار خان 44، تربت، دادو، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو، سکر، خانپور ۽ روهڙي ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب، اڄ کان خميس دوران ڪي پي، فاٽا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، اڱاري ۽ اربع جي ڏينهن مالاڪنڊ، هزاره ڊويزن ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

اڄ کان اربع تائين سرگوڌا، گوجرانوالا، لاهور، فيصل آباد ڊويزن ۽ اسلام آباد ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات پوندي.

موسميات کاتي موجب، پنجاب، ڪي پي ۽ ڪشمير جي اڪثر هنڌن تي برفباري جو به امڪان آهي

ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي، ڪي پي، فاٽا، اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، سرگوڌا، فيصل آباد ڊويزن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*