ر پارڪر ويجهو نوجوان مبينا طور پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيوآهي، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيو

Nagar-Parka04.8

ننگر پارڪر ويجهو نوجوان مبينا طور پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيوآهي،  پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيو ، فوتي نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

ڳوٺ پورڻ واهه ۾ نوجوان نانجي ڪولهي پنهنجي گهر ۾ مبينا طور پاڻ تي گاسليٽ هاري  باهه ڏئي ڇڏي.

گهرڀاتين باهه وسائي کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر هو گهڻو سڙي وڃڻ سبب فوت ٿي ويو.

ننگرپارڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان نانجي ڪولهي جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو ، جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو .

نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، نوجوان جي والد تيجو ڪولهي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس پٽ دماغي توازن درست نه هئڻ سبب آپگهات ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته  واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي …………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*