عمران خان جي وڪيل انور منصور اليڪشن ڪميشن جي درخواستن جي ٻڌڻي واري اختيارن کي چئنلجن ڪري ڇڏيو

Election-Karachi-28716

عمران خان جي وڪيل انور منصور اليڪشن ڪميشن جي درخواستن جي ٻڌڻي واري اختيارن کي چئنلجن ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر وڪيل انور منصور سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو هو، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي درخواستن جي ٻڌڻي جا اختيار ناهن ته ڇا پوءِ اسان کي گاريون ڏنيون وينديون.

اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف جي پارٽي فنڊنگ ۽ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي.

عمران خان جي وڪيل انور منصور اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي واري اختيارن کي چئنلج ڪندي چيو ته پهرين اهو طئي ڪيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن کي درخواستن جي ٻڌڻي جا اختيار آهن يا نه؟

اليڪشن ڪميشن رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي درخواستن جي ٻڌڻي جا اختيار ناهن ته ڇا پوءِ اسان کي گاريون ڏنيون وينديون……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*