پنجاب جي مختلف شهرن ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو

ملڪ جي اڪثر علائقن ڪشمير،خيبر پختون خواه ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز  برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته مواصلاتي نظام پڻ درم برهم ٿي ويو آهي.

 ڪشمير، خيبرپختونخواه ۽پنجاب جي مختلف شهرن   لاهور،گوجراوالا، ملتان، شيخوپوره، ننڪانه صاحب ۽ حافظ آباد سميت صوبي جي اڪثر شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ زوردار برسات پئي آهي.

برسات کانپوءِ ٿڌ جي لهر ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ اڄ وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*