سنڌ هائيڪورٽ پاران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي عهدي تان هٽائڻ وارو سنڌ حڪومت جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي

ad khuwaja

سنڌ هائيڪورٽ پاران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي عهدي تان هٽائڻ وارو سنڌ حڪومت جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي وقتي آءِ جي سردار عبدالمجيد دستيءَ کي چارج اي ڊي  خواجه کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اي ڊي خواجه کي هٽائڻ بابت توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اي ڊي خواجه کي هٽائڻ وارو آرڊر جاري ڪرڻ بابت پڇيو وڃي ها.

جسٽس منيب فاروق چيو ته اي ڊي خواجه کي هٽائڻ جي منع ٿيل هئي ته پوءِ ڪيئن هٽايو ويو.

ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عدالت جي حڪمن تحت اي ڊي خواجا کي هٽايو ويو آهي،هن چيو ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل کي يقيني بڻايو آهي.

ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته اي ڊي خواجه او پي ايس تي مقرر  هو، اهي قدم عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي جي ذمري ۾ نٿا اچن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪندي  چيو آهي ته آءِ جي کي تبديل ڪرڻ جو اختيار ڪابينا جو آهي ۽ ڪابينا جي منظوريءَ کانسواءِ اي ڊي خواجه جون خدمتون وفاق حوالي ڪري سندس جاءِ تي سردار عبدالمجيد دستي کي وقتي آءِ جي لڳائڻ جو فيصلو ڪابينا نه ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*