وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻه نه پر هڪ آءِ جي ڪم ڪري رهيو آهي

cm

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻه نه پر هڪ آءِ جي ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ ڪا به خراب حڪمراني نه آهي، ڊاڪٽر عاصم جي آزادي ڊيل ذريعي نه پر عدالتي فيصلي سان ٿي آهي.

سيد مراد علي شاهه تنگواڻي ۾ڪنڌڪوٽ – ٺل روڊ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ خراب حڪمراني جي ڳالهه غلط آهي ،  اليڪشن ۾ خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي.

هن جو چوڻ هو ته  پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڪا به ڊيل نه ٿي آهي ، ڊاڪٽر عاصم 9 مهينن تائين قيد رهيو ، پر مٿس ڪوبه الزام ثابت نه ٿيو،کيس عدالتن آزاد ڪيو آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ابن قاسم پارڪ قانون موجب نجي اداري کي ڏنو آهي ، جنهن جاڪي به ڪمرشل مقصد نه آهن .

هن چيو ته ڪراچي جو ميئر وفاق کان اختيار گهري رهيو آهي ، اميد آهي ته هو آهستي آهستي ڪم ڪرڻ سکي ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*