اپوزيشن جماعتن پاران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي بحاليءَ واري عدالتي فيصلي جي آجيان ڪري ڇڏي

ajiz dhamra and nusrat abbasi

اپوزيشن جماعتن پاران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي بحاليءَ واري عدالتي فيصلي جي آجيان ڪري ڇڏي، پيپلزپارٽي جي ترجمان عاجز ڌامراهه چيو آهي ته آفيسرن جي مقرريون ۽ بدليون صوبائي حڪومت جو ڪم آهي، عدليا جا فيصلا سڀني لاءِ هڪ جهڙا هئڻ گهرجن.

فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جا فيصلا سندس سمجهه کان ٻاهر آهن، خبر ناهي ته سرڪار ڪنهن جي مشوري تي اهڙي قسم جا قدم کڻي رهي آهي.

نصرت سحر عباسي آءِ جي سنڌ جي بحاليءَ واري فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت اٻهرائپ ۾ قانون کان مٿانهان قدم کڻي ٿي، جنهن تي بعد ۾ کين شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.

پيپلزپارٽي جي ترجمان عاجز ڌامراهه ڳالهائيندي چيو آهي ته آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون صوبائي حڪومت جو ڪم آهي، عدليا جا فيصلا سڀني لاءِ هڪ جهڙا هئڻ گهرجن.

عاجز ڌامراهه چيو ته حڪومت اڳ به ڪيترن ئي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون پر خبر ناهي ته ڇو هِن معاملو کي اٿاريو پيو وڃي.

عاجز ڌامراهه چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي پر قانون سڀني صوبن تي لاڳو ٿئي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*