ٺل ويجهو لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران عورت سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

thul1

ٺل ويجهو لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران عورت سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ بخشڻ پهوڙ ۾ معمولي ڳالهه تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب شوڪت، دلبر ۽ نادر لاشاري سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس پهچي زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.

متاثرن چيو آهي ته سندن مخالفن حملو ڪيو آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

پوليس موجب، ٻنهي ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*