سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر نيب پاران ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيس ۾ روڊس کاتي سکر جي 22 آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن کي ڏنل عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي

sukkur high court

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر نيب پاران ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيس ۾ روڊس کاتي سکر جي 22 آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن کي ڏنل عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي.

ضمانت رد ٿيلن ۾ پراونشنل هاءِ وي  کاتي سکر جو اڳوڻو ايڪسيئن گل حسن شيخ، جميل قريشي، سب انجنيئر عبد الرب شيخ، غلام شبير سولنگي، اشفاق اعواڻ ضلعي ڪائونسل سکر جا موجوده  ميمبر ۽ ٺيڪيدار گل حسن هاليپوٽو ۽ ٻيا شامل آهن.

نيب سکر گذريل 8 سالن ۾ روڊس کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ٿيل ڪرپشن جي حوالي سان هاءِ وي کاتي جي آفيسرن ۽ ٺييڪيدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي هئي.

هڪ سال اڳ گرفتارين کان بچڻ جي لاءِ روڊس کاتي جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪرڻ بعد پڪي ضمانت لاءِ احتساب عدالت کي درخواست ڏني هئي.

نيب پاران هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري جوابدارن جي عبوري ضمانت ختم ڪرڻ لاءِ عدالت کي استدعا ڪئي هئي،

جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس رشيد سومرو هڪ هفتو اڳ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عبوري ضمانت رد ڪري پڪي ضمانت لاءِ ڏنل درخواستون رد ڪري ڇڏيون

عدالتي فيصلو اچڻ کان پوءِ روڊس کاتي جي آفيسرن ملازمن ۽ ٺيڪيدارن پنهنجا موبائل فون بند ڪري روپوش ٿي ويا آهن.

پراونشنل هاءِ وي سکر جي اڳوڻي انجنيئر جميل قريشي کي احتساب عدالت مسلسل حاضرن تي غير حاضر رهڻ تي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو هو جنهن بعد نيب کيس 44 ٻين ماڻهن سان گڏ جميل قريشي کي پڻ روپوش ڄاڻائي لسٽ ۾ اشتهاري جوابدار قرار ڏنو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*