پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي گهرج17 هزار 140 ميگاواٽ آهي

khuwaja asif

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي گهرج17 هزار 140 ميگاواٽ آهي، سڀني صوبن ۾ بجلي چوري ٿي رهي آهي، جن علائقن مان بلن جي وصولي گهٽ آهي، انهن علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته گذريل سال اپريل ۾ بجلي جي گهرج 15 هزار ميگاواٽ هئي.

هن چيو ته ويهه اپريل تائين 1500 ميگاواٽ واڌو بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي، پن بجلي جي پيداوار لڳ ڀڳ 2 هزار ميگاواٽ آهي.

خواجا آصف چيو ته شهرن ۾ 3 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 4 کان 5 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

خواجه آصف چيو ته آءِ پي پيز سان 69 ارب رپين وارو معاملو عدالت ۾ آهي، چيو پيو وڃي ته حڪومت آءِ پي پيز کي ادائگيون ناهن ڪيون.

هن چيو ته اپريل مهيني ۾ لڳ ڀڳ 2 هزار ميگاواٽ طلب وڌي آهي، جتي بجلي چوري ٿئي ته انهن علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

خواجه آصف چيو ته معمولي مرمت لاءِ بند ٿيل پاور پلانٽ به مهيني اندر کلي ويندا، 4 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ اچڻ سان لودشيڊنگ گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.

هن چيو ته پاڪستان جون ڪمپنيون 3 هزار 838 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيون آهن، آئي پي پيز 8 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته لوڊشيڊنگ جون شڪايتون صحيح آهن، آڪٽوبر 2015ع کان صنعتن جي لوڊشيڊنگ زيرو آهي………………….

.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*