اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مذهبي انتهاپسندي جي سازش کي گڏجي ناڪام بڻايو ويندو

Asif-Ali-Zardari-241117

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مذهبي انتهاپسندي جي سازش کي گڏجي ناڪام بڻايو ويندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ جي صفحن ۾ هميشه امر رهندو.

شهيد ذوالفقار علي جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اتفاق راءِ سان آئين ڏئي ملڪ کي اندورني خطرن مان تحفظ ڏنو.

هن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ جي تاريخ ۾ هميشه اهم ڪردار طور رهندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غيرمعمولي ليڊر هو، هن سان ملندڙ معمولي شخص به غيرمعمولي ٿي ويندا هئا.

آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته طاقت گولي بدران ووٽ جي پرچي سان اچڻ گهرجي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*