سنڌ جي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته اپريل مهينو سياسي شهادتن جو مهينو آهي

manzoor wasan

سنڌ جي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته اپريل مهينو سياسي شهادتن جو مهينو آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي ملڪ اندر وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.

ڳوٺ سيٺارجا بالا ۾ انجنيئر ممتاز حسين سهتو سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته اپريل مهيني ۾ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ۽ عالمي سطح جي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو کي بيگناهه ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ هاڻي ٻين جو وارو آهي.

سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي غريب عوام جي پارٽي آهي، اڳواڻن جو عوام سان رويو تمام بهتر آهي، مخالفن جيان ڊرائنگ رومن جي سياست ڪندڙ نه آهن.

هن چيو ته اڳواڻن جي بهتر رويي جي ڪري عوام ڪالهه به ساڻن گڏ هيو ۽ 2018 جي اليڪشن ۾ اڳ کان وڌيڪ ساڻن گڏ هوندو.

صوبائي وزير چيو ته آءِ جي سنڌ جي بدلي سنڌ جو انتظامي مسئلو آهي جنهن کي سياسي اشو نه بڻايو وڃي، اڳ به هنن عدالتي فيصلن جو احترام ڪيو ۽ هاڻ به ان تي عمل ڪري رهيا آهن.

منظور وساڻ دعويٰ ڪئي ته ڪراچي اندر پ پ پ ايندڙ اليڪشن ۾ اڌ سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*