پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

zulifqar ali Bhutto

پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، پ پ پاران ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ورسي جو مرڪزي جلسو ٿيندو، جنهن کي بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، ميان رضا رباني، خورشيد شاهه، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، سنڌ حڪومت پاران اڄ عام موڪل ڪئي وئي آهي.  پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي.  ورسي جو مرڪزي جلسو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ٿيندو، جنهن کي پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، ميان رضا رباني، خورشيد شاهه، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نئون ديرو هائوس پهچي ويو آهي، جڏهن ته پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻه ڏينهن اڳ ئي نئون ديرو پهتل آهي.  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين پ پ اڳواڻن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.  وڏي وزير مراد علي شاهه ڳڙهي خدا بخش ۾ ورسي جي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي بابت بريفنگ ورتي.  سنڌ حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي تي اڄ عام موڪل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران به موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اڄ شهيد ڀٽو جي ورسي سبب هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتون بند رهنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*