گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڙيسري ملڪ ۾ ايٽمي هٿيار خطي لاءِ نقصانڪار آهن، پاڪستان گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت برقرار رکندو

maliha lodhi

گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڙيسري ملڪ ۾ ايٽمي هٿيار خطي لاءِ نقصانڪار آهن، پاڪستان گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت برقرار رکندو، ايٽمي هٿيار گهٽائڻ واري معاملي بابت ڪجهه جوهري ملڪن جو ٻٽو معيار آهي.  نيويارڪ ۾ ايٽمي هٿيار گهٽائڻ بابت ڪميشن کي خطاب ڪندي پاڪستاني سفير مليحه لوڌي چيو ته وڏن ملڪن پاران ايٽمي هٿيارن ۾ واڌ سان ايشيا کي خطرو آهي، پاڪستان گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت برقرار رکندو.  هن چيو ته پاڪستان فيسائل مواد جي معاهدي جي اصولي مخالفت ڪري ٿو، هٿيارن بابت پاڪستان جي تجويز تي ڪو به رد عملو نه آيو آهي.   مليحه لوڌي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايشيا کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي، ايٽمي هٿيار گهٽائڻ واري معاملي بابت ڪجهه جوهري ملڪن جو ٻٽو معيار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*