پشاور هاءِ ڪورٽ مردم شماري جي فارم ۾ ڪيلاش برادري جي ماڻهن لاءِ الڳ خانو شامل ڪرڻ لا ءِ شماريات کاتي کي حڪم ڏيندي چيو آهي

peshawar-highi-court

پشاور هاءِ ڪورٽ مردم شماري جي فارم ۾ ڪيلاش برادري جي ماڻهن لاءِ الڳ خانو شامل ڪرڻ لا ءِ شماريات کاتي کي  حڪم ڏيندي چيو آهي ته چترال ۾ آدمشماري شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڪيلاش برادري جي خاني کي شامل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

ڪيلاش برادري پاڪستان ۾ وڏي عرصي کان پوءِ ٿيندڙ آدم شماري واري فارم ۾ الڳ خاني لاءِ هاءِڪورٽ پشاور ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

پشاور هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس تي مشتمل 2 رڪني بينچ ڪيلاش برادري جي ماڻهن پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

حڪومت پاران ڪيس جي پيروي ڪندڙ ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته آدمشماري شروع ٿيڻ کان اڳ ڪيلاش برادري جو خانو شامل ڪيو ويندو.a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*