شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي قومي ايئر لائين خاص اڏام سياسي مخالفن کي گڏ ويهاري ڇڏيو

PIA11-9

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي قومي ايئر لائين خاص اڏام  سياسي مخالفن کي گڏ ويهاري ڇڏيو، سياست ۾ هڪٻئي مٿان تنقيد جا تير وسائيندڙ اڳواڻن اڏام ۾ هڪٻئي سان هٿ به ملايو ته ڪچهري به ڪئي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38هين ورسي جي موقعي تي قومي ايئر لائين طرفان اسلام آباد کان سکر تائين خاص اڏام هلائي وئي.

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي، پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳواڻ منظور وٽو ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عبدالعليم خان به جهاز ۾ سفر ڪيو.

پي آءِ اي پاران ٽنهي اڳواڻن کي گڏ سيٽن تي ويهاريو ويو، جتي عابد شير علي ۽ ميان منظور وٽو هڪٻئي سان هٿ ملايو ۽ خيريت به معلوم ڪئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*