پيپلزپارٽي پنجاب جي صدر ڪامران زمان ڪائره ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هارين کي زمينن جو مالڪ ۽ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو

qamar-all-zama08-9

پيپلزپارٽي پنجاب جي صدر ڪامران زمان ڪائره ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هارين کي زمينن جو مالڪ ۽ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن جو ڪو به شمار ناهي، هن فيڪٽرين جي مزدورن لاءِ قانون ٺاهيا.

اعتراز احسن چيو ته چين سان دوستي جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو هو ۽ ملڪ کي ايٽمي طاقت به بڻايو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ صرف هڪ شيءَ محفوظ آهي، اهو صرف پاناما فيصلو آهي، جنهن جو هاڻ فيصلو اچڻ گهرجي.

اعتراز احسن چيو ته نوازشريف جي والد قطر ۾ ڪاروبار ڪيو پر رڪارڊ ناهي، 2013ع جون چونڊون شفاف نه هيون.

قمر زمان ڪائره چيو ته ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان کي هڪ ٻئي ڀُٽي جي ضرورت آهي.

قمر زمان چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪارڪن پهتا آهن.

شيري رحمان چيو ته پيپلزپارٽي ڀرپور نموني سان ميدان ۾ اچي چڪي آهي، هو پي ٽي آءِ جيان الزامن واري سياست نه ٿا ڪري سگهن.

هنءَ چيو ته آصف علي زرداري پنهنجي مٿان لڳايل الزامن کي منهن ڏيندو رهيو آهي، عمران خان ٻڌائي ته آرمي چيف سان ملاقات ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون.

شيري رحمان چيو ته پيپلزپارٽي غريب عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ هميشه ڪندي رهندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*