آمريڪا پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

naiki

آمريڪا پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نڪي هيلي چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي آمريڪا کي ڳڻتي آهي.  گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نڪي هيلي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ ڪجهه ٿيڻ جو انتظار نه ڪيو ويندو،آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏجي  ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو.  آمريڪي سفير نڪي هيلي چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*