اڳوڻي صدر زرداري جلد ڊويزن سطح تي جلسا ڪري سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪندي

asif ali zardari

اڳوڻي صدر زرداري جلد ڊويزن سطح تي جلسا ڪري سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، جيئن سينيٽ جو چيئرمين چونڊرايو ائين ئي ايندڙ حڪومت پ پ جي ٺاهي اوهان کي پارٽي جو وزيراعظم چونڊرائي ڏيندس، پ پ ڏانهن ميري اک سان ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.

ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر ۽ پ پ پارليامينٽيرين جي سربراهه آصف علي زرداري چيو ته، اسان  نه اڳ ڪنهن کان ڊنا آهيون ۽ نه هاڻي ڊڄنداسين، پيپلز پارٽي ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.

نواز شريف ملڪي ترقي جا منصوبا نه ٿو ٺاهي سگهي، اسان کي پاناما ڪيس جي فيصلي جو انتظار آهي، پر اهو به سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ ڪڏهن انصاف نه ٿيو آهي.

آصف علي زرداري چيو ته، هُن جهڙي طرح سينيٽ جو چيئرمين چونڊرايو هو اهڙي طرح ايندڙ حڪومت ٺاهي عوام کي پيپلز پارٽي جو وزيراعظم چونڊرائي ڏيندس.

آصف زرداري جو چوڻ هو ته، هُو صرف 15 ڏينهن پنجاب ۾ رهيو ته ڪاغذي شينهن ۽ بيٽ وارن جي حالت خراب ٿي وئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*