پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙا هڻي هڪ خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي

bilawal bhutto

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙا هڻي هڪ خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، کيس وفاق کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، ايندڙ چونڊن ۾ عوام جي مدد سان کيس اقتدار مان ڪڍي ڇڏينداسين.

ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي تحت پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي پسند ملڪ بڻائي ڏيکارينداسين..

هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪري هڪ ڊڪٽيٽر ملڪ کي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن جا نتيجا اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون، ملڪ کي متفق آئين ڏيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، ملڪ کي متفق آئين ڏيندڙ ۽ ملڪ کي آزاد پرڏيهي پاليسي ڏيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو.

هن چيو ته جڏهن ۽ جتي به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو ورتو ويندو آهي ته غريب ۽ محڪوم ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*