خيرپور ۾ بااثر شخص اخبارن جو بل گهرڻ تان مڇرجي هاڪرن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ڪاوش ۽ ڪوشش اخبار جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

kawish haker

خيرپور ۾ بااثر شخص اخبارن جو بل گهرڻ تان مڇرجي هاڪرن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ڪاوش ۽ ڪوشش اخبار جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، صحافين واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

شهر جي لقمان واري علائقي ۾ بااثر شخص شڪيل وساڻ ڪاوش ۽ ڪوشش جي هاڪرن راجا ملاح ۽ عاشق ملاح کان مفت ۾ اخبارون گهريون، جنهن تي هاڪرن کيس چيو ته توهان ڏانهن اڳ ئي بل رهيل آهي.

بل گهرڻ تي بااثر شخص هاڪرن مٿان مڇرجي پيو ۽ کين سخت مارڪٽ ڪري ڪاوش ۽ ڪوشش اخبار جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

ڪاوش ۽ ڪوشش جي هاڪرن بي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته پوليس جوابدار خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.

واقعي خلاف صحافين خان محمد، صفي الله شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

صحافين مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*