ڀارتي فوج جي چار واهه سيڪٽر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون زخمي جوابي ڪارروائي بعد ڀارتي بندوقون خاموش

جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي، سيالڪوٽ ۾ چارواهه سيڪٽر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون زخمي ٿي پيون آهن، جوابي ڪارروائي بعد ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون.

ذريعن موجب، ڀارتي فوج پاران سيالڪوٽ جي چارواهه سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ڪري گولا باري ڪئي وئي.

پنجاب رينجرز جي ترجمان موجب، ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب، ڀارتي فوج جي اڳرائي جي جواب ۾ پنجاب رينجرز پاران ڀرپور جواب ڏنو ويو، جنهن بعد ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون.

واضح رهي ته گذريل ڪجهه عرصي کان ڀارتي فوج پاران ورڪنگ بائونڊري ۽ لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي، جنهن خلاف پاڪستان گڏيل قومن ۾ به احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*