ميرپور ماٿيلي ۾قتل ڪيل ڳوٺاڻي جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي

mirpur mathelo

ميرپور ماٿيلي ۾قتل ڪيل  ڳوٺاڻي جي وارثن  قاتلن جي گرفتاري لاءِ نيشنل هاءِ وي تي  ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ، پوليس احتجاج ڪندڙ عورتن ۽ ٻارن کي لٺيون هڻي کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.

خانپور مهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل ڳوٺاڻي شهزادي ڀنڀري جي وارثن ميرپور ماٿيلي پهچي ايس ايس پي آفيس آڏو  نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

ڳوٺاڻن جي احتجاج  سبب ٽريفڪ معطل وئي ، احتجاج دوران پوليس ڳوٺاڻن تي ڪڙڪي پئي ، عورتن ۽ ٻارن تي لٺبازي ڪري  کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو

ان موقعي تي ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته سندن نوجوان شهزادي ڀنڀري کي هٿياربندن ڪجهه ڏينهن بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو ، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران کين تحفظ ڏئي رهي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*