سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪري ڇڏي

سعودي عرب جي نئين بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز  تخت سنڀاليندي ئي محروم بادشاهه شاهه عبدالله جي ٻن گورنر پٽن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو، سعودي عرب جو انٽيليجنس چيف به تبديل ڪيو ويو.

عرب ميڊيا موجب، سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪري ڇڏي.

سعودي سرڪار پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مڪي جي گورنر شهزادي مشعل ۽ رياض جي گورنر شهزاده ترڪي کي عهدن تان هٽايو ويو، اهي ٻئي گورنر محروم بادشاهه شاهه عبدالله جا پٽ آهن.

شهزاده خالد الفيصل کي مڪي جو گورنر ۽ فيصل بن بندر کي رياض جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو.

سعودي انٽيلجنس جي چيف پرنس خالد بن بندر کي هٽائي سندس جاءِ تي برگيڊيئر خالد الحُمَيدان کي نئون انٽيليجنس چيف مقرر ڪيو ويو.

بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ناڻي ۽ تيل واري وزارتن ۾ ڪا به ڦيرڦار ناهي ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر يحيٰ بن عبدالله کي سعودي شوريٰ ڪائونسل جو نائب اسپيڪر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اسلامي شوريٰ ڪائونسل جي وزارت صالح الشيخ جي حوالي ڪئي وئي.

پڌرنامي موجب عادل الطرافي کي سڌ سماءَ جو وزير ۽ منصور بن مطائب کي مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته اعظم الداخل کي تعليم واري وزارت ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*