خانپور ويجهو نوجوان ناري کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيوويو آهي

khanpur-11616

 خانپور ويجهو نوجوان ناري کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيوويو آهي.

ڳوٺ يوسف ڀٽي ۾ نوجوان ناريءَ اربيليءَ ڀٽي کي مبينا طور ٻني مان ڪم ڪري واپس موٽڻ دوران رستي مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، جنهن کي مزاحمت ڪري ناڪام بڻايو ويو.

خانپور پوليس ناري اربيليءَ جي ڀاءُ عاشق ڀٽي جي فرياد تي 7 ڄڻن خلاف  ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن داد محمدڀٽي  ۽ صدام حسين ڀٽي کي گرفتار ڪيو آهي.

فريادي عاشق ڀٽي  موجب هو ڳوٺ ڀرسان ٻني ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ واپس موٽي رهيا هئا ته جوابدارن هٿيارن جي زور تي سندس ڀيڻ اربيلي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن کي هنن مزاحمت ڪري  ناڪام بڻائي چڏيو.

 خانپور ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ڪيس جي ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*