تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ تعليم انتهائي ضروي آهي

imran khan

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ تعليم انتهائي ضروي آهي، تعليم سندن زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته استاد سياسي بنياد تي ڀرتي ڪيا ويا، جنهن سبب تعليم متاثر ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪي پي ۾ 40 هزار استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا، پر ٻين صوبن ۾ ائين نه ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته استادن کي سفارشن تي ڀرتي ڪيو ويو، جيڪي پرڏيهه ۾ ڪمائي رهيا آهن، ان کان وڌيڪ ڪهڙو ظلم ٿيندو.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته تعليم اسان جي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آهي.

هن چيو ته مدرسن ۾ پرهندڙ ٻارڙن جي به بهتر نموني تربيت ڏيڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته انگريزي جو مقصد ٻارڙن کي ڪلچر کان پري ڪرڻ نه هجڻ کپي، معاشري موجب، ٻارڙن کي تعليم ڏني وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*