چين جو پارلياماني وفد ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، پارلياماني رابطن ۽ ٻطرفي سهڪار تي غور ويچار ڪيو ويندو

chini wafad

چين جو پارلياماني وفد ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، پارلياماني رابطن ۽ ٻطرفي سهڪار تي غور ويچار ڪيو ويندو.

وفد چين جي عوامي سياسي مشاورتي ڪانفرنس جي قومي ڪميٽي جي چيئرمين يو زنگ شنگ جي سربراهي ۾ پاڪستان پهتو.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني، سينيٽر سليم ايڇ مانڊوي والا ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن وفد جو استقبال ڪيو.

ٻن ڏينهن جي دوري دوران چين جو پارلياماني وفد پاڪستان جي اعليٰ سطحي سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.

ذريعن موجب، پارلياماني رابطن ۽ ٻطرفي سهڪار۽ واپار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ بابت غور ويچار ڪيو ويندو.

هلندڙ سال ۾ چين جي سياسي قيادت طرفان هي اعليٰ سطحي پهريون وفد آهي

يوزنگ شنگ چيئرمين سي سي پي پي چين جي اعليٰ سياسي قيادت ۾ حيثيت ۾ چوٿين نمبر تي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*