پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي سکر جي ساڌ ٻيلي پهتو

bilwal bhutto

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي سکر جي ساڌ ٻيلي پهتو، بلاول ڀٽو زرداري لاهور ڌماڪي جي مذمت ڪندي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي گهر ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي مانجهاندي ۾ شرڪت لاءِ ٻيڙي تي چڙهي ساڌ ٻيلي پهتو.

پ پ چيئرمين ساڌ ٻيلي جي تاريخي مندر جو دورو ڪيو، جتي کيس مندر جي تاريخ ۽ عمارت جي سار سنڀال بابت تفصيل ڏنا ويا.

مانجهاندي جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو ويو ۽ کيس تير جو سوينيئر به پيش ڪيو ويو.

مانجهاندي ۾ پنجاب، ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان مان آيل پيپلز پارٽي جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ مردم شماري ٽيم تي حملي جي مذمت ڪندي متاثر ڪٽنبن سان ڏک جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته وفاقي سرڪار نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائي سندن جماعت حڪومت سان سهڪار ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*