ڪنڊياري ۾ قومي شاهراهه تي ٽول ٽئڪس وصول ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

kandiyaro toll

ڪنڊياري  ۾ قومي شاهراهه تي ٽول ٽئڪس وصول ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 ڪنڊياري جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ واپارين جي سڏ تي شهرين مير خان سهتي ، خالد ملاح، نعيم ڏهراج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان 59 هين ڏينهن به ڌرڻوهنيو.

 احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته قومي شاهراهه تي ٽول پلازه قائم ڪري مقامي ماڻهن کان زبردستي ٽول ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي.

هنن چتاءُ ڏنو ته ڪنڊياري ۾ ٽول پلازه کي ختم نه ڪيو  ويو ته هو شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏيندا ………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*