سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ملڪ ۾ جاري آدمشماري واري فارم ۾ تبديلي ڪري ان ۾ سک، پارسي ۽ ڪيلاش سميت وڌيڪ 6 مذهبن کي شامل ڪيو ويو آهي

Sindh-high-Court-7217

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ملڪ ۾ جاري آدمشماري واري فارم ۾  تبديلي ڪري ان ۾ سک، پارسي ۽  ڪيلاش سميت وڌيڪ 6 مذهبن کي شامل ڪيو ويو آهي، پيمرا پاران جاري ڪيل پڌرائي  موجب عدالت پاران  لاڳاپيل ادارن کي فيصلي تي فوري عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت  ڪئي وئي  آهي.

پيمرا پاري جاري ڪيل پڌرائي موجب آدمشماري واري فارم ۾ سک سميت مختلف مذهبن جو نالو شامل ڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل  آئيني درخواست  تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ آدمشماري جي فارم 2  جي ڪالم 6 ۾ تبديلي ڪري ان ۾ ان ۾ سک، پارسي، ڪيلاش، بهاسي، ٻڌمت ۽ جين مذهب کي به شامل ڪيو ويوآهي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ شماريات کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن کي فيصلي تي فوري  عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*