پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي پيپلزپارٽي جي قيادت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي

abid sher ali

  پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي پيپلزپارٽي جي قيادت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌين کي ڦرڻ ۽ ڪرپشن کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪم نه ڪيو آهي، نوازشريف ۽ سندس ٽيم سنڌين کي هنن جا حق ڏياريندي ۽ ڏسون ته پيپلزپارٽي هيل ڪهڙو ضلعو ٿي کٽي.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عابد شير علي چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي هدايت تي حيدرآباد ريجن ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ وارين دانهن جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتو آهيان. هن چيو ته حيدرآباد ريجن جي 461 فيڊرز مان 163 فيڊرز اهڙا آهن، جتي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ لاسز آهن.

مملڪتي وزير چيو ته جن علائقن مان اوڳاڙي يا بجلي جي بلز جي ادائيگي نه ٿي رهي آهي، انهن علائقن ۾ واقعي به 10 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ۽ اها لوڊشيڊنگ جاري رهندي. عابد شير علي پ پ قيادت تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌين کي ڦرڻ ۽ ڪرپشن کانسواءِ ٻيو ڪم نه ڪيو آهي.

عابد شير علي چيو ته هي ڪٿان جو انصاف آهي ته شرجيل ميمڻ اربين رپين جي ڪرپشن کانپوءِ جڏهن واپس ٿئي ٿو ته کيس سونو تاج پهرايو وڃي ٿو ۽ هو پاڻ کي بيمار ڄاڻائي ضمانت به ڪرائي وٺي ٿو. هن چيو ته نوازشريف تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ بلاول پنهنجي والد، انڪلز ۽ آنٽي ايان علي جي ڪرپشن جو به ذڪر ڪري.

هن چيو ته جيڪو بل ادا ڪندو گئس ۽ بجلي به ان کي ئي ملندي. هاڻي سنڌ ڪارڊ نه هلندو. نوازشريف ۽ سندس ٽيم سنڌين جي وڌيڪ ڦرلٽ برداشت نه ڪندي. هاڻي ڏسون ته هيل پيپلزپارٽي ڪهڙن ضلعن مان ٿي کٽي ڏيکاري……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*