لاهور ۾ آدمشماري ٽيم تي آپگهاتي حملي ۾ 4 فوجي جوانن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 17 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن

lahore namazy janaza

 لاهور ۾ آدمشماري ٽيم تي آپگهاتي حملي ۾ 4 فوجي جوانن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 17 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪي لاءِ 8 کان 10 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو ۽ بمبار به شڪل مان پاڪستاني نه لڳي رهيو آهي، ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل فوجي جوانن جي جنازي نماز لاهور ۾ داڪئي وئي.

لاهور جي بيديان روڊ تي آدمشماري عملو فوجي ۽ پوليس جوانن سان گڏ گهرشماري لاءِ روانا ٿي رهيو هو ته آپگهاتي بمبار موٽرسائيڪل کي وين سان ٽڪرائي ڇڏيو، جنهن سان ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 فوجي جوانن سميت 6 ڄڻا ٿڏي تي شهيد ٿي ويا ۽ 17 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن مان چئن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڌماڪي بعد پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

ڌماڪي واري هنڌ تان آپگهاتي بمبار جي منڍي ۽ ڄنگهه هٿ ڪئي وئي، جاچ ٽيمن جو چوڻ آهي ته بمبار جي عمر 20-22 سال هئي.

ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ساجد، عبدالله ۽ اويس جو تعلق سنڌ رينجمينٽ سان  آهي.

ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل فوجي جوانن جي جنازي نماز لاهور جي ايوب اسٽيڊيم  ۾ اداڪئي وئي، جنهن ۾ پنجاب جي گورنر ، وڏي وزير، ڪور ڪمانڊر سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

لاهور جي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس 5 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾  3 دهشتگردن ۽ ٻن سهولتڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

قومي سلامتي بابت صلاحڪار آصف باجوه چيو آهي ته بزدلاڻا حملا اسان جي حوصلن کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.

شماريات کاتي لاهور ۾ آدمشماري ٽيم تي حملي باوجود آدمشماري وارو عمل جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حملن ذريعي کين ڊيڄاري نه ٿو سگهجي.

شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته وين ۾ 17 فوجي اهلڪار  سوار هئا، جن مان 4 ڄڻا شهيد ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

شماريات کاتي موجب، آدمشماري وارو قومي ڪم جاري رکيو ويندو، هو ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا نه آهن.

شماريات کاتي چيو آهي ته ٽيمن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*