ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، ڪار ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ڪورنگي جي چمڙا چورنگي تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي نوجوانن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، ڪار ڊرائيور کي گاڏي سميت حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*