ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف 5 ارب رپين واري ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي

Sindh-high-sharjeel-14-1

ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف 5 ارب رپين واري ڪرپشن ڪيس جي  ٻڌڻي  بنا ڪارروائي جي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سڌسماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پهريون ڀيرو عدالت ۾ پيش ٿيو.  ٻڌڻي کان اڳ شرجيل ميمڻ جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس موڪل جي طبيعت خراب آهي، تنهنڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.  عدالت نيب کي شرجيل خلاف ريفرنس جي ڪاپي ايندڙ ٻڌڻي تي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪاروائي جي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*