ڪراچي جي ڪسٽم عدالت سپر ماڊل ايان علي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس کي ٻڌڻي کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

Ayan-Ali-1916

ڪراچي جي ڪسٽم عدالت سپر ماڊل ايان علي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس کي ٻڌڻي کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.  ڪسٽم عدالت جي جج محمد شيراز ڪياني تي ٻڌل هڪ رڪني بينچ آڏو ڪيس جي ٻڌڻي دوران ماڊل ايان علي ۽ ان جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.  ماڊل ايان علي جي وڪيل جي اسسٽنٽ وڪيل پاران عدالت کي درخواست ڪئي وئي ته سندس مـوڪل ٻاهرين ملڪ آهي تنهن ڪري کيس پيشي کان استثنا ڏني وڃي. عدالت پاران ايان علي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ويو ته ايان علي جو پرڏيهه ۾ مصروفيتن جو شيڊول ڇا آهي.  عدالت وڪيل کان پڇا ڪئي ته ايان علي ڪڏهن عدالت ۾ پيش ٿيندي؟ کيس حاضري کان ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*