ڪراچي جي علائقي ڊفينس جي رهواسين جو پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي

karachi defence water

ڪراچي جي علائقي ڊفينس جي رهواسين جو پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو  ويو آهي.  ڪلفٽن ڪنٽومينٽ بورڊ آفيس آڏو ڊفينس جي رهواسين ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو آهي.  ان موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر سيما ضيا چيو ته هو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڀرين ٿا پر  ان باوجود به پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي.  هن چيو ته ڊفينس سميت ڪراچي جي مختلف حصن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي جون به نه پئي چري. مظاهري ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن سميت شهرين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*