پيرجوڳوٺ ويجهو هٿياربندن آبادگارن پاران مبينا طور ڀتو نه ڏيڻ تان ڪيلي جي باغ مان وڻ ڪٽي ڇڏيا آهن

pir goth kelo

پيرجوڳوٺ ويجهو هٿياربندن آبادگارن پاران مبينا طور ڀتو نه ڏيڻ تان ڪيلي جي باغ مان وڻ ڪٽي ڇڏيا آهن.  احمدپور فال ويجهو هٿيابندن آبادگار عبدالحميد سهتي جي ڪيلي جي باغ مان 100 کان 150 وڻ ڪٽي فرار ٿي ويا.  آبادگار عبدالحميد سهتي جو چوڻ آهي ته هٿياربند کيس ڪافي وقت کان ڀتو ڏيڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا هئا.   هن چيو ته منٿلي نه ڏيڻ تان هٿياربندن سندس ڪيلي باغ مان وڻ ڪٽي کيس لکين رپين جو نقصان پهچايو آهي.   آبادگار عبدالحميد سهتي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ فراهم ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*