شھدادپور-سانگھڙ روڊ تي گھنڊڻ موري ڀرسان تيز رفتار مزدا ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي

shadapur kulti

شھدادپور-سانگھڙ روڊ تي گھنڊڻ موري ڀرسان تيز رفتار مزدا ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.  سانگھڙ جي مال جي پڙي ڏانهن چوپايو مال کڻي ويندڙ مزدا ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ آصف، لالو، فتح محمد، عمر خان سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.  حادثي جي زخمين کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز آندو ويو، جتان عمر خان بروهي، لالو ۽ فتح محمد جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*