لاهور ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد فوجي جوان ساجد علي جٽ کي فوجي اعزاز سان ڪوٽ غلام محمد ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

pak army

لاهور ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد فوجي جوان ساجد علي جٽ کي فوجي اعزاز سان ڪوٽ غلام محمد ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.   آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ساجد علي پٽ محمد يونس جٽ جو مڙهه ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ڳوٺ بِرڪورا پهچايو ويو، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي.  جناز نماز بعد پاڪ فوج جي جوانن پاران شهيد کي سلامي ڏني وئي، جنهن بعد کيس فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.  ان موقعي تي صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ۽ سلامي پيش ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*