قومي اسيمبلي ۾مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار کي آءِ جي مقرر ڪرڻ جا اختيار حاصل آهن

Khursheed

قومي اسيمبلي ۾مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار کي آءِ جي مقرر ڪرڻ جا اختيار حاصل آهن، ايم ڪيو ايم وارا ڀتو نه ملڻ سبب فيڪٽرين کي باهه ڏيندا رهيا آهن، هو اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪري ملڪ مان ڀڄي ويا آهن.  خورشيد شاهه سکر جي هڪ اسڪول ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار وٽ آءِ جي جي بدلي ۽ مقرري جو اختيار آهي، ان حوالي سان اجايو واويلا ڪئي پئي وڃي.  ايم ڪيو ايم جي الزامن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته سندس وات نه کولرايو وڃي، ايم ڪيو ايم وارا ته ڀتي جي رقم لاءِ فئڪٽري کي باهه ڏئي پورهيتن کي جيئرو ساڙيندا هئا. هن چيو ته ڪي اربين روپين جي مني لانڊرنگ ڪري ٻاهر فرار ٿي ويا، ڪي شريف بڻجي ويٺا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته اسام بن لادن کان پئسا وٺي شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي هئي.  خورشيد شاهه چيو ته اسڪولن ۾ تعليم جي حالت تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته ڄام صادق جي دور ۾ 8 جماعت پاس ماڻهن کي استاد ڀرتي ڪيو ويو.  خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي ۾ 60 هزار استادن جي ضرورت آهي.  اپوزيشن ليڊر اسڪول جي دوري دوران نائين ۽ ڏهين جي پيپر جو جائزو ورتو ۽ اميدوارن کان سوال به ڪيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*