سنڌ ۾ اڄ به نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم رهي

thrushah

سنڌ ۾ اڄ به نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم رهي، مختلف سينٽرن تي ڇاپا هڻي 20 کان وڌيڪ شاگردن کي ڪاپي ڪيس ۽ 15 ڄڻن کي اميدوارن بدران پرچو حل ڪرڻ تان گرفتار ڪيو ويو آهي.

گڊو بوائز هاءِ اسڪول واري امتحاني سينٽر تي بورڊ جي ٽيم ڇاپو هڻي 5 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ۽ اميدوارن بدران ويٺل 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪوٽ غلام محمد هاءِ اسڪول ۾ وزيراعليٰ جي مقرر ٽيم ۽ بورڊ جي ٽيمن ڇاپا هنيا، جنهن دوران 16 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو.

ٺاروشاهه ۾ نائين ڪلاس جي پيپر دوران ڪاپي جي ڌم متل رهي، جڏهن ته 144 قلم لاڳو هجڻ باوجود شهر ۾ فوٽواسٽيٽ جا دڪان کليل رهيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*